جڏهن اُلا اُڀ ۾

جڏهن اُلا اُڀ ۾

جڏهن اُلا اُڀ ۾

جڏهن اُلا اُڀ ۾ (ڪتاب ):نامور شاعر آثم ناٿن شاهيءَ جي شاعريءَ جو هي پهريون ڪتاب آهي، جيڪو هن ”اچڻ واري ايڪيهين صديءَ کي اٽل ارادن پاران“ ارپيو آهي. هي شعري مجموعو سچائي اشاعت گهر دڙي پاران آگسٽ 1994ع ۾ ڇپيو ويو آهي. ’جڏهن اُلا اُڀ ۾‘ جو طويل مهاڳ نئين ٽهيءَ جي شاعر نصير مرزا لکيو آهي، جڏهن ته ’پهريون ڪتاب‘ عنوان سان شاعر پنهنجي شعري سفر تي خيال آرائي ڪندي لکيو آهي ته: ”مان 1962ع کان باقاعدي شاعريءَ جي ميدان ۾ آهيان. تڏهن جواني به هئي، مُنهن تي رونق به هئي. چپن تي مرڪون به هيون، اکين ۾ ڇِڪ به هئي. وار ڪارا هئا. صورت گهڻي سهڻي نه هئي ته ڊولائتي هئي. شاعري به ڌاڪ ويهاريندي پئي وئي... اڄ جڏهن جسماني طرح مون ۾ تبديليون پيدا ٿي چڪيون آهن، ڏاڙهي، مٿو اڇو ٿي ويو آهي، چهري تي ڪيترن قسمن جا اڻ وڻندڙ ڦڙا ۽ ٽڪا اُڀري آيا آهن. ٻن ٽن اگهاين جي اشڪنجي ۾ آيل آهيان. تڏهن ڪجهه جوان جاڳيا آهن ۽ منهنجو هي ننڍڙو پهريون ڪتاب ’جڏهن اُلا اُڀ ۾‘ جي نالي سان سنڌ واسين جي سدورن هٿن ۾ پهچي رهيو آهي.“ ڪتاب ۾ غزل، وايون، نظم ۽ آزاد نظم آهن. ڊيمي سائيز جي 51 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 50 روپيا آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو